تازه ترين

سنڌ حڪومت عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز جي فراهمي جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪري رهي آهي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز جي فراهمي جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪري رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽرانسپورٽ کاتي طرفان عورتن کي مفت ٽريننگ سان گڏوڏگ مفت لائسنس به فراهم ڪيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته شاگردياڻين ۽ ملازمت ڪندڙ عورتن کي اسڪوٽيز جي فراهمي جو مقصد انهن کي روزاني جي سفري مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته عورتون ڊرائيونگ لاسنس ٺهرائين، تربيتي ڪورسز ۾ حصو وٺن ۽ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ رجسٽريشن ڪرائين. سندس چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ پنڪ اسڪوٽيز جي منصوبي کي عوام طرفان گهڻي موٽ ملي، ڪيترين ئي عورتن ڊرائيونگ سکي ۽ لائسنس حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي روزاني مصروفيت جي لاءِ پنڪ اسڪوٽيز کي اپنايو. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته وڌ کان وڌ عورتون ان سهولت مان فائدو کڻن ۽ محفوظ، باوقار انداز ۾ پنهنجي تعليمي ۽ پيشيوراڻي سفر کي جاري رکن. سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پيپلز بس سروس، پنڪ بس سروس، اليڪٽرڪ بس سروس ۽ هاڻي پنڪ اسڪوٽيز جهڙن منصوبن جو مقصد شهرن کي سستي، محفوظ ۽ باوقار سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير جو چوڻ هو ته عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ صرف هڪ حڪومتي منصوبو نه بلڪ پيپلز پارٽي جي سياسي ۽ انساني فلسلفي جو حصو آهي. سندس چوڻ هو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ پيپلز پارٽي جي نظرياتي سفر جو مرڪزي ٿنڀ آهي، اهو مشن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان ويزن جو حصو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
6 %
0.8kmh
0 %
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °

تازه ترين خبرون