- Advertisement -
27هين آئيني ترميم تي اعتماد ۾ وٺڻ بابت وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايم ڪيو ايم قيادت ۾ اڄ ملاقات جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ صبح 10 کان منجهند 12 هين وڳي تائين ملاقات جو امڪان آهي.
ايم ڪيو ايم وفد ۾ خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، ڪامران ٽسوري، امين الحق، جاويد حنيف شامل هوندا، وزيراعظم 27 هين آئيني ترميم تي ايم ڪيو ايم کي اعتماد ۾ وٺندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم شهباز شريف کي به پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪندي ۽ صلاح مشوري کان پوءِ ان حوالي سان حمايت جو فيصلو ڪندي…
- Advertisement -
