- Advertisement -
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي اهڙي ڪنهن به ترميم جي حمايت نه ڪندي، جنهن سان صوبن جي اختيارن يا عوامي مفادن کي نقصان پهچي.
ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٿيندڙ پاڪستان ميرٽائيم ايڪسپو ۽ ڪانفرنس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته هو سياسي هٿيار ۽ مفاهمت ذريعي 18هين ترميم ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جو مقابلو ڪندا.
هن چيو ته عالمي ميرٽائيم نمائشٿيڻ سٺو سنوڻ آهي، نمائش ۾ 45 ملڪن کان وڌيڪ وفدن شرڪت ڪئي ۽ 270 ملين ڊالرن جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
هن ٻڌايو ته نمائش جي انتظام ۾ پاڪستان نيوي سان گڏ سنڌ حڪومت به خاص ڪردار ادا ڪيو آهي.
ناصر شاهه چيو ته صنعتن جي ترقي لاءِ توانائي تمام ضروري آهي، ان لاءِ صوبي ۾ سستي بجلي جي فراهمي خاطر سولر پارڪ ٺاهيا پيا وڃن، چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڌابيجي ۾ ڏهه سالن لاءِ ٽيڪس فري اڪنامڪ زون قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار وڏي دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن….
- Advertisement -
