تازه ترين

ستاويهين آئيني ترميم جي منظوري جمهوريت لاءِ سوڳ جو ڏينهن آهي : بئريسٽر گوهر

- Advertisement -
پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ستاويهين آئيني ترميم جي منظوري جمهوريت لاءِ سوڳ جو ڏينهن آهي، جمهوريت کي دفن ڪرڻ لاءِ ترميم پيش ڪئي پئي وڃي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو باڪو ۾ ويهي ترميم منظور ڪرائي وئي آهي ان کي اسان باڪو ترميم چئون ٿا. قويم اسيمبلي کي خطاب ڪندي بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته قانون سامهون جوابده ٿيڻ قانون جي بالادستي آهي، دنيا جي ڪهڙي صدر وٽ ڇوٽ آهي، ذاتي مفادن لاءِ قائم عمارتن کي ماڻهو غلامي جي علامت سمجهندا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 176 ۾ تبديلي ڪري چيف جسٽس جو عهدو ئي ختم ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته آئين مقدس ذميواري آهي، اڄ ان ذميواري سان بي ايماني ڪئي وئي، 27هين ترميم کانپوءِ جمهوريت رڳو نالي جي رهجي وئي، اسان ان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين ۽ اهو ٿي رهندو. سندس چوڻ هو ته اڄ جمهوريت کي دفن ڪرڻ جي لاءِ هڪ قدم وڌايو پيو وڃي، ان ترميم کانپوءِ جمهوريت رڳو نالي جي رهجي ويندي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته 26هين آئيني ترميم جو رهجي ويل ايجنڊا هاڻي آندو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته قانون اڳيان جوابده ٿيڻ ئي قانوني جي حڪمراني آهي، دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ صدر وٽ ڇوٽ آهي؟ بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته اهي پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي سائيڊ تي ٿي ويا، اسان عوام وٽ ڪهڙي منهن سان وينداسين؟ اوهان پنهنجي 141 ڪيسن جي لاءِ آئيني عدالت ٺاهي رهيا آهيو، اهي عدليه جي قلعي کي فتح ڪري مرضي جا فيصل مڙهڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته اوهان آرٽيڪل 176 ۾ تبديلي ڪري چيف جسٽس آف پاڪستان جو عهدو ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، دنيا ۾ جڏهن ڪو عدالتي ڪنوينشن ٿيندو ته ملڪ جي نمائندگي نه ٿي سگهندي، ڇوته اوهان چيف جسٽس آف پاڪستان جو عهدو ئي ختم ڪري ڇڏيا. پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته آئين ۾ ترميم ٿيندي آهي ته عوام اميدون لڳائيندو آهي، اڄ افسوس سان جمهوريت جي لاءِ هڪ سوڳ جو ڏينهن آهي. سندس چوڻ هو ته جمهوريت جي لاءِ آئين ۾ تبديليون اتفاق راءِ سان ڪيون وينديون آهن، وزيراعظم چيوهو ته اسان وٽ لوٽن جو ووٽ نه آيو، مبارڪ هجي ڪالهه اوهان ٻن لوٽن جي ووٽ سان ترميم پاس ڪرائي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.1 ° C
9.1 °
9.1 °
18 %
0.7kmh
0 %
اڱارو
9 °
اربع
18 °
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون