تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسلام آباد ۾ جي اليون ڪورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 12 ڄڻا شهيد، 27 ماڻهو زخمي

- Advertisement -
اسلام آباد ۾ جي اليون ڪورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 27 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، سڪيورٽي فورسز آپگهاتي حملي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي اسپانسر طالبان جي خارجي دهشتگردن “جي اليون ڪورٽ” ٻاهران ڌماڪو ڪيو آهي. مبينا طور تي آپگهاتي حملو ڪندڙ جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سسي روڊ تي پيل هٿ آئي آهي. شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 27 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ وڪيل ۽ سائلين به شامل آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آڦگهاتي هو ۽ واقعي واري هنڌ تان آپگهاتي حملو ڪندڙ جي ڌر کان ڌار سسي به هٿ ڪئي وئي آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب ڪورٽ ٻاهران ڌماڪي ۾ هندوستاني حمايت يافتا ۽ افغان طالبان جي پراڪسي فتنه الخارج ملوث آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت ڪورٽ جي ايريا ۾ ماڻهن جي وڌيڪ اچ وڃ هئي جنهن سبب سائلين به زخمي ٿيا. ذريعن موجب زخمين کي فوري طور تي طبي امدادي لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڌماڪي کانپوءِ علائقي کي گهري ۾ ورتو ويو آهي. ڪورٽ ٻاهران ڌماڪي کانپوءِ عمارت خالي ڪرائي وئي، وڪيل، جج ۽ سائلين کي ڪورٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جوڊيشل ڪمپليڪس مان شهرين ۽ وڪيلن کي ڪڍيو ويو، ججن کي به روانو ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون