- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز وانا ڪيڊٽ ڪاليج مان سمورن 650 ڪيڊٽس، استادن ۽ عملي کي ريسڪيو ڪري ورتو آهي.
سڪيورٽي ذريعن طرفان جاري ڪلي بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز جو آپريشن نهايت احتياط ۽ حڪمتِ عملي سان جاري آهي.
آءِ جي فرنٽيئر ڪور خيبرپختونخوا ڏکڻ ڪيڊٽ ڪاليج وانا ۾ آپريشن جي پاڻ نگراني ڪئي، ڪاليج مان سمورن 650 شاگردن، استادن ۽ عملي کي حفاظت سان ريسڪيو ڪري ورتو.
سڪيورٽي ذريعن موجب ڪيڊٽ ڪاليج تي حملي وقت 525 ڪيڊٽس سميت 650 ماڻهو موجود هئا، جن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو.
سڪيورٽي ذريعن موجب هاڻي آپريشن جامع طريقي سان قطعي انجام تائين پهچايو ويندو، آخري خارجيءَ جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، سمورن شاگردن ۽ استادن جا حوصلا بلند آهن.
شاگردن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج سندن لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج ٺاهي ته جيئن هو تعليم، امن ۽ ترقي حاصل ڪري سگهن.
هن چيو ته بزدل دهشتگرد چاهيندا هئا ته وزيرستان جا ٻار تعليم کان محروم رهن……………
- Advertisement -
