تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اڄ اسلام آباد جي ڪورٽ ۾ آپگهاتي حملو ويڪ اپ ڪال آهي: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اڄ اسلام آباد جي ڪورٽ ۾ آپگهاتي حملو ويڪ اپ ڪال آهي، جيڪو ياد ڏياري ٿو ته هي جنگ پوري پاڪستان جي آهي. ايڪس تي بيان جاري ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته اسلام آباد ضلعي ڪورٽ ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته اسلام آباد حملو پوري قوم جي لاءِ ويڪ اپ ڪال آهي، هو جنگ واري حالت ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته پاڪ فوج اها جنگ افغان-پاڪستان سرحدي علائقي ۽ بلوچستان جي پري وارن علائقن ۾ وڙهي رهي آهي ته اهي ننڊ مان جاڳن. خواجه آصف چيو ته اڄ اسلام آباد جي ڪورٽ ۾ آپگهاتي حملو ويڪ اپ ڪال آهي، جيڪو ياد ڏياري ٿو ته هي جنگ پوري پاڪستان جي آهي. هن چيو ته پاڪ فوج روزاني پنهنجون جانيون قربان ڪري رهي آهي ته جيئن عوام کي تحفظ ۽ اعتماد جو احساس ملي، موجوده حالتن ۾ ڪابل حڪمرانن مان ڪامياب ڳيلهين جي گهڻي اميد رکڻ جو فائدو ناهي. سندس چوڻ هو ته ڪابل حڪمران پاڪستان ۾ دهشتگردي کي روڪي سگهن ٿا، اسلام آباد تائين دهشتگردي آڻڻ هڪ واضح پيغام آهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون