- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.
ڪراچي بار ايسوسيئيشن طرفان اڄ ٻئي ڏينهن به سٽي ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري هڙتال ڪئي وئي آهي.
ڪراچي بار طرفان ضلعي سيشن جج ڏکڻ، اوڀر، اولھه ۽ سينٽرل کي خط لکي وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ بابت آگاهي ڏني وئي.
ڪراچي بار ججز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اڄ 15هين نومبر تي سنڌ بار ڪائونسل جي اعلان تي وڪيل عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري هڙتال ڪري رهيا آهن.
ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته سنڌ بار ڪائونسل جي اعلان تي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو اڄ ٻئي ڏينهن به بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
صدر ڪراچي بار جو چوڻ هو ته هڙتال 27 هين آئيني ترميم خلاف ڪئي پئي وڃي.
سٽي ڪورٽ ۾ هڙتال سبب وڪيلن طرفان اڄ ٻئي به عدالت جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، ڪنهن به سائيلن کي عدالتن ۾ داخل ٿيڻ نه پيو ڏنو وڃي .
پوليس پاران جيل مان قيدين کي عدالتن ۾ نه آندو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، سول ڪورٽ، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ، بئنڪنگ ڪورٽ، ليبر ڪورٽ، دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽ سميت سمورين عدالتن ۾ ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.
نوابشاهه ۾ به سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون.
نوشهروفيروز ۾ وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري عدالتي ڪم بند رکيو ويو جنهن سبب ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.
سکر ۾ وڪيلن طرفان ڪنوينشن ڪوٺايو پيو وڃي جتي احتجاج بابت اڳتي لاءِ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن سبب سمورن ڪورٽن جا وڪيل سکر طرف روانا ٿي رهيا آهن.- Advertisement -
