- Advertisement -
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل غزه منصوبي جي ڀرپور حمايت ڪندي وڏي اڪثريت سان ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، ٺهراءَ ۾ غزا لاءِ عالمي استحڪام فورس جي مقرري ۽ غزا ۾ وقتي حڪومت جي قيام جا نقطا شامل آهن.
ٺهراءَ جي حق ۾ 14 ووٽ آيا جڏهن ته ڪنهن به ملڪ مخالفت نه ڪئي، روس ۽ چين ووٽ نه ڏنو.
اجلاس کي خطاب ڪندي امريڪي نمائندي پاڪستان، مصر، قطر، اردن، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيه ۽ انڊونيشيا جو غزه جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي سهڪار تي ٿورا مڃيا.
امريڪي نمائندي چيو ته اڄ سلامتي ڪائونلس هڪ تاريخي تعميري ۽ فيصلائتو قدم کنيو آهي، اهو ٺهراءُ غزه ۾استحڪام جا رستا کولڻ جي ڪوشش آهي.
واضع رهي ته صدر ٽرمپ جي غزه پلان جي ٺهراءَ ۾ فلسطيني ۾ عالمي استحڪام فورس جي مقرري ۽ عبوري حڪومتي ڍانچي جي قيام جا اهم نڪتا شامل آهن.- Advertisement -
