تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ڪرپشن کي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾سڀ کان وڏي رنڊڪ قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ڪرپشن کي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾سڀ کان وڏي رنڊڪ قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي شرط جي طور تي پاڪستان لاءِ گورننس اينڊ ڪرپشن ڊائناسٽڪ اسيسمنٽ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن اڃا تائين هڪ سنگين چئلينج بڻيل آهي، جيڪا معاشي سرگرمين ۽ ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب، ڪرپشن سبب رياستي ادارن جو ڪنٽرول ڪمزور ٿيندو آهي، جڏهن ته ٽيڪسن جو درست ۽ شفاف استعمال يقيني ناهي ٿي سگهندو جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي ٽيڪس آمدن متاثر ٿيندي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرپشن سبب قانوني نظام تي عوام جو اعتماد به سخت متاثر ٿيندو آهي. رپورٽ موجب، طاقتور يا سرڪاري ادارن سان جوڙيل ٽولا ڪرپشن جي سڀ کان خطرناڪ شڪل آهي، ملڪ ۾ ڪرپشن جو پراڻو مسئلو ملڪي ترقي کي نقصان پهچائي رهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ ريگوليشن ۽ رنڊڪون هر شعبي جي ترقي کي متاثر ڪري رهيون آهن، ادارتي سڌارا، شفافيت کي هٿي ۽ مضبوط حڪمراني پاڪستان جي معاشي بهتري لاءِ اڻٽر آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
49 %
3.7kmh
100 %
اربع
15 °
خميس
18 °
جمعو
13 °
ڇنڇر
12 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون