بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم خالده ضياءَ کي اڄ ڍاڪا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو

- Advertisement -
بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم خالده ضياءَ کي اڄ ڍاڪا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادي جنازي نماز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. خالده ضياءَ جي لاڏاڻي کانپوءِ بنگلاديش ۾ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سندس جنازي نماز ڍاڪا ۾ پارليامينٽ هائوس آڏو ادا ڪئي ويندي. بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم کي اڳوڻي صدر ۽ سندس مڙس ضياءَ الرحمان جي ڀر ۾ قومي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. خالده ضياءَ جيئري جي عارضي سميت مختلف مرضن ۾ مبتلا هئي ۽ ڪافي وقت کان ڍاڪا جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي جتي اڱاري ڏينهن صبح سوير سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. هوءَ بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، جڏهن ته مسلم دنيا ۾ شهيد بينظير ڀٽو کانپوءِ ٻئي عورت جو وزيراعظم هجڻ جو اعزاز به کيس حاصل هو. هن 1991 کان 1996 ۽ پوءِ 2001 کان 2006 تائين ملڪ جي وزيراعظم جو خدمتون سر انجام ڏنيون خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ ڀارت، ڀوٽان ۽ مالديپ سميت ٻين ملڪن مان وفد به شرڪت ڪندا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
26%
3.5m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون