- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي علائقي ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي آءِ اي ڊي حملي ۾ ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.
ٽانڪ جي علائقي گومل ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي آءِ اي ڊي بم حملو ڪيو ويو، جنهن سبب گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي.
حملي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او اسحاق، اي ايس آءِ شير عالم، شفيع، حضرت علي، احسان الله ۽ ڊرائيور عبدالمجيد شهيد ٿي ويا.
اطلاع ملڻ بعد سڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -
