بجلي واهپيدارن لاءِ خوشخبري، بنيادي ٽيرف ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
بجلي واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري آئي آهي، حڪومت بنيادي ٽيرف ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايڊيشنل سيڪريٽري پاور ڊويزن نيپرا ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بجلي جي اگهن ۾ اضافي کان بچڻ لاءِ سبسڊي کي ايڊجسٽ ڪيو ويو آهي جنهن سبب هاڻي ٽيرف وڌائڻ جي ضرورت ناهي رهي. پاور ڊويزن اختيارين موجب، جولاءِ کان هن وقت تائين توانائي مڪس ۾ نمايان تبديلي آئي آهي جنهن سان پيداواري لاڳت بهتر ٿي ۽ واهپيدارن کي رليف ڏيڻ ممڪن ٿيو. اختيارين واضح ڪيو ته حڪومت سمورين حالتن کي نظر ۾ رکندي ٽيرف ۾ ڦيرڦار نه ڪرڻ جو قطعي فيصلو ڪيو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ سمورين ڪيٽيگريز جي بجلي واهپيدارن کي مجموعي طور 629 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن عوام کي بجلي سستي ملي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
31%
1.3m/s
60%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون