- Advertisement -
ٺل ۾ ناري آسيا کوسو سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي جي حڪمت تي انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ جاچ بعد اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪارن کي ڏوهي قرار ڏنو.
ناري آسيا کوسو جي ڏاڏيِ نور خاتون جي فرياد تي آرڊي 44 ٿاڻي تي ڇهن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ آر ۾ اي ايس آءِ محراب سندراڻي، هيڊ ڪانسٽيبل عبدالنبي سامت، چار سپاهي غلام ياسين جکراڻي، خادم حسين جکراڻي، مير حسن بمبل ۽ برڪت جکراڻي کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو.
ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ڳڙهي حسن ٿاڻي تي ميڊِا سان ڳاللهائيندي چيو ته جاچ بعد ثابت ٿيو ته ڇهن پوليس اهلڪارن ناري آسيا کوسو سان اجتماعي ڏاڍائي ڪئي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڇهن ئي پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي جي حڪمت تي انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ فرضن جي ادائگي ۾ غفلت تي لاڳاپيل ايس ايڇ او کي به معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سمورن اهلڪارن خلاف سخت کاتي واري ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي.
جاويد عالم اوڍي چيو ته متاثر ناري کي ضروري قانوني مدد سميت مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پوليس جي وردي ۾ ڪاري رڍن جي کاتي ۾ ڪابه جاءِ ناهي.
هن چيو ته قانون کان مٿانهون ڪوبه ناهي، ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي، پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ آهي، اهڙن عنصرن کي برداشت نه ڪيو ويندو.
- Advertisement -
