تازه ترين

وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان جولاءِ ۾  حيدرآباد ۾ بينظير ڀٽو فلاءِ اوور جي افتتاح ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان جولاءِ ۾  حيدرآباد ۾ بينظير ڀٽو فلاءِ اوور جي افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد جي ترقياتي رٿائن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾  صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام خان شوري، علي حسن زرداري ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ شهيد بينظير ڀٽو فلاءِ اوور منصوبي تي ڪم فوري شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان بينظير ڀٽو فلاءِ اوور جو ڪم جولاءِ جي پهرين هفتي تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان جولاءِ ۾ فلاءِ اوور جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته منصوبي لاءِ زمين جو قبصو 2018ع ۾ ڏنو ويو هو، قانوني گهرجن ۽ ٻين مسئلن سبب اڏاوتي ڪم رُڪيل هو. وڏي وزير کي منصوبي بابت آگاهي ۾ ٻڌايو ويو ته حيدرآباد باءِ پاس کان اڪرم واهه تائين منصوبو وفاقي اسڪيم جو حصو هو، صوبائي حڪومت پهريان ئي ڪافي سول ورڪس مڪمل ڪري چڪي آهي. وڏي وزير کي آگاهي ۾ ٻڌايو ويو ته 24 پل گرڊرز جي ڪاسٽنگ مڪمل ڪئي وئي آحي، پر ڍانچو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته حيدرآباد فلاءِ اوور ۾  وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته فلاءِ شهري ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي لاءِ اهم منصوبو آهي. وڏي وزير طرفان کاتن کي فوري طور تي ڪو آرڊينيشن ۽ ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
10 %
6.3kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون