تازه ترين

ايس بي سي اي اڏاوتي اجازت نامن جي بيڪ اينڊ پراسيسز کي آٽوميٽ ڪري رهي آهي: ناصر حسين شاهه

- Advertisement -
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڊجيٽل سڌارن طرف اهم قدم کڻندي ايس بي سي اي اڏاوتي اجازت نامي جي چئن ڪيٽيگريز جي آٽوميشن لاءِ هڪ مهيني جو مدو مقرر ڪري ڇڏيو. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه هڪ بيان ۾ چيو ته ايس بي سي اي اڏاوتي اجازت نامن جي بيڪ اينڊ پراسيسز کي آٽوميٽ ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ مهيني اندر اڏاوتي اجازت نامن جون سمورين چئني ڪيٽيگريز جي آٽوميشن مڪمل ڪئي ويندي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته ڊجيٽل نظام سان منظورين جو عمل وڌيڪ شفاف، تيز ۽ اعتماد قابل ٿيندو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزن ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن تي ڊجيٽل سڌارا جاري آهن. سندس چوڻ هو ته  ايس بي سي اي پنهنجو سافٽ ويئر سسٽم سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ سان لاڳاپي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته ايس بي سي اي ۽ ايس بوس وچ ۾ يوزر ايڪسيپٽنس ٽيسٽ تي صحيح اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نئين نظام ۾ آن لائن درخواست، اي پيمنٽ، ريئل ٽائم ٽريڪنگ ۽ ايس ايم ايس الرٽس جي سهولت هوندي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ڊجيٽل منظوريون، اي سرٽيفڪيشن ۽ منظم ڊيش بورڊن سان شهرين ۽ پروفيشنلز کي سهولت ملندي. هن چيو ته منفرد ٽريڪنگ نمبرن سان درخواستن ۽ منظورين جي اثرائتي مانيٽرنگ ممڪن ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ايس بي سي اي گهربل هارڊ ويئر جي خريداري جو عمل ايس پي پي آر اي قائدن موجب شروع ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته ايس بي سي اي جي سمورين ريجنل آفيسن کي به ان طرز تي آٽوميٽ ڪيو ويندو. صوبائي وزير هدايت ڪندي چيو ته ايس بي سي اي آءِ ايف سي جي سهڪار سان سنڌ ۾ گرين بلڊنگ ڪوڊز لاڳو ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
10 %
6.3kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون