- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان 12 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 12مئي سانحي جي شهيدن جون قربانيون هڪ ڏکوئيندڙ لازوال ياد آهن.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شهيدن جون قربانيون جمهوريت، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ادا ڪيل قيمت جي ياد ڏيارين ٿيون.
سندس چوڻ هو ته 12 مئي 2007 تي ڪراچي ۾ قيمتي معصوم انساني جانين کي نفرت ۽ تشدد جي ور چاڙهيو ويو.
هن جو چوڻ حو ته اڄوڪي ڏينهن جيالن، ڪارڪنن ۽ ڪراچي جي ماڻهن جرئت ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين ان ڏينهن خوف ۽ ڏاڍ خلاف مزاحمت جي هڪ لازوال علامت بڻجي ويا.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪراچي جي گهٽين ۾ وهندڙ رت رڳو هڪ سانحو نه هو.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪراچي جي روڊن تي وهندڙ رت جمهوريت، انصاف ۽ قانوني جي حڪمراني لاءِ عوام جي مضبوط عزم جي شاهدي بڻجي ويو.
هن جو چوڻ جو ته قومون پنهنجا زخمي وساري نه بلڪ انهن کي سچائي ۽ وقار سان گڏ ياد رکي شفا حاصل ڪنديون آهن.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي پرامن، جمهوري ۽ روادار پاڪستان لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هڪ اهڙو پاڪستان جتي ڪنهن شهري جو آواز تشدد سان خاموش نه ڪرائي سگهجي ۽ ڪوبه شهر خوف هٿان يرغمال نه ٿئي- Advertisement -
