- Advertisement -
ڪاڇي جي ڳوٺ قصبو ڀرسان نوجوان جو ڄار جي وڻ سان ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
ڊرگھ بالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ گزياڻي لنڊ ۾ ڳوٺ ٻاھران ڄار جي وڻ سان نوجوان جو ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب ڦاھو کاڌل لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ گزياڻي لنڊ واسي راشد لنڊ طور ٿي آھي، نوجوان گھريلو اڻبڻت تان ڦاھو آپگھات ڪيو آهي.- Advertisement -
