توشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

spot_img
توشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توشا خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ بانيءَ جو وڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪسٽمز آفيسرن قميت غلط لڳائي انهن خلاف ڪهڙي ڪاررروائي ٿي؟ ايف آءِ ايَ پراسيڪيوٽر چيو ته ڪسٽمز آفيسرن کان ڪوتاهي ٿي آهي، پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، جنهن مالي فائدو ورتو اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار آهي. پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري جيولري سيٽ کي غير قانوني طور  رکيو ۽ توشا خاني ۾ جمع نه ڪرايو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو تهميڊيا ۾ چيو ويندو آهو ته هو ڄاڻي واڻي بيمار ٿيو، ميڊيا سنسني نه پکيڙيندي ته سندن ڪاروبار ڪيئن هلندو؟ عدالت دليل ٻڌڻ بعد توشا خانه تو ڪيس ۾ به پي ٽي آءِ بانيءَ جي ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي 10-10 لکن جا ضمانتي ڪاغذ به جمع ڪرائڻ ۽ ٽرائل ڪورٽ  ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ضمانت جو غلط استعمال ٿيو ته فيصلو واپس به وٺي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ باني ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿئي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
17%
0.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون