آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ 2024 جاري ڪري ڇڏي

- Advertisement -
آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ 2024 جاري ڪري ڇڏي. آءِ  ايم ايف جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح 3 ڏهائي 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل مالي  سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي. ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپروٽ مجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح گهٽجي 7 ڏهائي 5 سيڪڙو تي اچڻ جو امڪان آهي، گذريل مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري 8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن سال مهانگائي جي سراسري شرح 9 ڏهائي 5 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته گذريل مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 23 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي. اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ موجب هلندڙ سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪاٽو 0 ڏهائي 9 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪاٽو 0 ڏهائي 2 سيڪڙو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
53%
2.4m/s
2%
ڇنڇر
31 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون