آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ ست ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ ست ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهبازشريف آءِ ايم ايف بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوريءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽو بورڊ جو اجلاس  ايم ڊي ڪرسٽلينا جورجيويا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي ايجنڊا به شامل هئي. پاڪستان کي بيل آئوٽ پيڪيج مرحلي وار ملندو. ناڻي واري وزارت جي موجب پاڪستان کي 30 سيپٽبر تائين هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي پهرين قسط ملڻ جو  امڪان آهي، قرض پروگرام جي منظوريءَ بعد ٻي قسط به هلندڙ مالي سال ۾ ئي ايندي. صحافين سان ڳالهائيندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته پاڪستان کي هڪ ارب يا هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي پهرين قسط ملندي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون هيون. وزيراعظم شهبازشريف ست ارب ڊالر جو بيل آئوٽ پيڪيج  جي منظوريءَ تي  اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته الله جي ڪرم سان معاشي سڌارن جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام بعد معاشي ترقي جا حدف حاصل ڪرڻ لاءِ محنت جاري رکندو،  پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرميون ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو سٺو سنوڻ ۽ معاشي ٽيم جو ثبوت آهي. شهبازشريف چيو ته ائين ئي محنت جاري رهي ته هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
33%
0.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون