- Advertisement -
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ستين ميچ ۾ نيڌرلينڊ نيپال کي سولائيءَ سان ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيڌرلينڊ، نيپال جو 107 رنسن جو هدف آساني سان 19 هين اوور ۾ پورو ڪيو.
ڊيلس ۾ گروپ ڊي جي ميچ ۾ نيڌرليڊ ٽاس کٽي پهريان نيپال کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جيڪا آخري اوور ۾ 106 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
روهت پوڊل پنج چوڪن جي مدد سان 35 رنسون ٺاهي نمايا اننگز کيڏيندي، نيڌرلينڊ طرفان وين بيڪ ۽ ٽم پرنگل ٽن-ٽن جڏهن ته ميڪرن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
جواب ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم هدف 19 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ميڪس دائود 54 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ٽم پرنگل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.- Advertisement -
