- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چين جي پنجن ڏينهن واري دوري جي پهرين مرحلي ۾ شينزن ۾ موجود آهي جتي هو اڄ مصروف ڏينهن گذاريندو.
وزيراعظم شهباز شريف اڄ پاڪ چائنه بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو.
سي ي پيڪ جي ٻئين مرحلي تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ شراڪت داري لاءِ فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪ-چائنه بزنس فورم ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو.
ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف ناليوارين چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو.
ان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف نانشان ون ونڊو، شينزن ميوزيم ۽ هواوي جي هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪندو.
ان اڳ چين جي شهر شينزن پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم شهبازشريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته چين جي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا معاهدا ڪيا ويندا، سي پيڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، کيس اميد آهي ته چيني قيادت سندن ساٿ ڏيندي.
چين پچهڻ بعد جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهبازشريف چيو ته ون بيلٽ ون روڊ چيني صدر جو شاندار منصوبو آهي، سي پيڪ ون بيلٽ جو حصو آهي.
هن چيو ته تيل جي مقابلي ۾ ڪوئلي ذريعي سستي بجلي ٺاهي سگهجي ٿي، سي پيڪ اهم مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، بي ٽو بي اهم هوندو.
وزيراعظم چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شينز لاءِ سيڪريٽري مينگ فينلي سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم اڄ چاڪ چائنه بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار ۽ ڀائيواري لاءِ فورم اهم ثابت ٿيندو.
شهبازشريف مشهور چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقات به ڪندو.
پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، مصدق ملڪ، عطا تارڙ، راڻا تنويز حسين، ڄام ڪمال، عبدالعليم خان ۽ مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصتون به شامل آهن.- Advertisement -
