آئيني ترميمن تي ڊيڊ لاڪ برقرار ، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ وفاقي ڪابينا جا اجلاس صبح تائين ملتوي

- Advertisement -
آئيني ترميمن تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ وفاقي ڪابينا جا اجلاس صبح تائين ملتوي ڪيا ويا آهن. خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ڪميٽي جي اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، بئريسٽر گوهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مشورو ڏنو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس صبح  تائين ملتوي ڪيو وڃي. هن ته هو ان ڳالهه جو حامي ناهي ته ججن جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. مولانا فضل الرحمان مشور ڏنو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي. پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جي اجلاس بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اسپيڪر اياز صادق اجلاس بنا ڪارروائي جي اڄ منجهند ساڍي ٻارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو. ٻئي پاسي سينيٽ جو اجلاس پڻ اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
18%
2.9m/s
2%
اربع
26 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون