- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ايڇ آءِ ٽي ۾ حيدر ٽينڪ جي نماءُ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
ترجمان چيو ته تقريب ۾ چين جي سفير ۽ چيني سرڪاري ڪمپني نورينڪو جا عملدار به شريڪ ٿيا.
آءِ ايس پي آر موجب حيدر ٽينڪ جديد ترين ٽيڪنالاجي، فائر پاور، تحفظ ۽ احتياطي اپائن جي خاصيتن واري آهي.
آرمي چيف کي حيدر ٽينڪ جي فني صلاحيتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف ڪاميابيءَ تي آفيسرن ۽ افرادي قوت واري عزم جي واکاڻ ڪئي.
ان کان اڳ هيوي انڊسٽريل ڪمپليڪس آمد تي ايڇ آءِ ٽي جي چيئرمين آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي.- Advertisement -
