تازه ترين

آسٽريليا ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
آسٽريليا ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. آسٽريليا جي شهر ايڊيليڊ ۾ کيڏيل سيريز جي ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت طرفان ڏنل 19 رنسن جو هدف آساني سان حاصل ڪري ڀارت کي 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. ميزبان آسٽريليا طرفان نيٿن ميڪ سوئيني 10 ۽ عثمان خواجه 9 رنسون ٺاهيون. ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندن لاءِ سٺو ثابت نه ٿيو سموري ٽيم پهرين اننگز ۾ 180 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي. ڀارت طرفان نتين ڪمار ريڊي 42 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز 57 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، اسڪاٽ بولينڊ ٽن ۽ مچل اسٽارڪ ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 337 رنسون ٺاهيون ۽ ڀارت تي 157 رنسن جي برتري حاصل ڪئي هئي. ٻي اننگز ۾ به ڀارتي بيٽسمين وڏو اسڪور نه ٺاهي سگهيا ۽ پوري ٽيم 175 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ رڳو 19 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جيڪو ميزبان ٽيم بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو. واضح رهي ته 5 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ٿي وئي آهي، پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
34 %
2.3kmh
40 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون