تازه ترين

آمريڪا جي شهر ليوسٽن ۾ فائرنگ، 22 ماڻهو مارجي ويا، 60 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
آمريڪي رياست ميئن ۾ هٿياربند طرفان مختلف هنڌن تي فائرنگ جي واقعن ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا ۽ 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. آمريڪي ميڊيا موجب، ليوسٽن شهر ۾ هٿياربند پهريان بولنگ ڪلب ۾ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا موقعي تي مارجي ويو جنهن کانپوءِ هن مقامي بار ۽ والماٽ ڊسٽريبيوشن سينٽر تي فائرنگ ڪري اتي موجود ماڻهن کي نشانو بڻايو. امريڪي ميڊيا موجب، پوليس هٿياربندن جي تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪو جديد رائفل ذريعي فائرنگ ڪري رهيو آهي، جوابدار جي سڃاڻپ رابرٽ ڪارڊ جي نالي طور ٿي جڏهن ته حملي جو ڪارڻ سامهون ناهي اچي سگھيو. پوليس موجب، فائرنگ کانپوءِ حملي آور فرار ٿي ويو، پوليس طرفان جوابدار جي گرفتاري تائين شهرين کي گهرن  کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هوڏانهن مقامي انتظاميا علائقي ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ جي هدايت ڏيندي رياست جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. امريڪي ميڊيا موجب، ليوسٽن 37 هزار آبادي تي ٻڌل شهر آهي ۽ پورٽ لينڊ جي اتر ۾ واقع آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29 ° C
29 °
29 °
10 %
7kmh
100 %
اربع
25 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون