آمريڪا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه جنگبندي جي حق ۾ الجزائر طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ ويٽو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آمريڪا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه جنگبندي جي حق ۾ الجزائر طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ ويٽو ڪري ڇڏيو. سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن مان 13 ميمبرن ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته برطانيا عير حاضر رهيو. الجزائر غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري جنگ بندي جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو، امريڪا لاڳيتو ٽيون ڀيرو عزه ۾ جنگ بندي جي قرار داد  کي ويٽو ڪيو آهي. امريڪا گڏيل قومن ۾ غزه اندر عارضي جنگ بندي تي زور ڏيندي پينهنجي ٺهراءَ ۾ چيو آهي ته الجزائر جي تجويز ڪيل قرارداد جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهين کي خطري ۾ وجهندي.. گڏيل قومن ۾ مقرر امريڪي سفير جو چوڻ هو ته فوري جنگ بندي ڪرڻ جو هي صحيح وقت نه آهي ڇاڪاڻ ته اسرائيل ۽ حماس ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن. امريڪا طرفان تجويز ڪيل ٺهراءَ جي مسودي ۾ “ جيئن ئي ممڪن ٿئي“ عارضي جنگ بندي جو  مطالبو ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ قيدين کي آزاد ڪرڻ جي شرط ۽ غزه ۾ امداد پهچائڻ جي رستي ۾ آيل رنڊڪ کي به ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون