- Advertisement -
آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي فتح تي فلسطينين جي حقن جي تنظيم حماس جي ترجمان جو رد عمل سامهون اچي ويو.
نئين آمريڪي انتظاميه بابت سندن پوزيشن جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته اها فلسطيني عوام، انهن جي جائز حقن بابت ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿي ۽ ڪهڙي حڪمت عملي طئي ڪري ٿي.
حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوبائيڊن جي غلطي کي ورجائڻ کانسواءِ آمريڪا جو نئون صدر غزه تي اسرائيلي جارحيت کي رد ڪندي آمريڪي برادري جو آواز ٻڌي.
بيان موجب، نئين امريڪي انتظاميا کي ان ڳالهه جو به احساس ڪرڻ گھرجي ته فلسطيني اسرائيل جي ناجائز قبضي ۽ جارحيت جو مسلسل مقابلو ڪري رهيا آهن.
حماس پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر باسم نعيم چيو ته صيهوني رياست جي انڌي حمايت ختم ٿيڻ گهرجي.- Advertisement -
