تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪشمور:نوجوان راجيش ڪمار جي اغوا ۽ بدامني خلاف هندو برادري پاران ڪاروبار بند ڪري احتجاج

- Advertisement -
ڪشمور ۾ نوجوان راجيش ڪمار ڪيسواڻي جي اغوا خلاف هندو برادري پاران شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. هڙتال سبب شاهي بازار، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، اسٽيشن روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته چوڌري نريش ڪمار ڪيسواڻي، فقير محمد زمان دادو، افضل عطا ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پنچايتي هال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اربع ڏينهن ڊيرا موڙ وٽ پنهنجي رائيس مل تي ويٺل هندو نوجوان راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري آساني سان ڪچي طرف فرار ٿي ويا هئا. هنن چيو ته ٽن ڏينهن اندر ڪشمور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيلن جو انگ 7 ٿي ويو، جڏهن ته ڪشمور ضلعي مان هن وقت تائين 15 جي لڳ ڀڳ ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن مجموعي طور تي ضلعي جي امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي امن امان بحال ڪرائي مغوي راجيش ڪمار ڪيسواڻي سميت ٻين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
1.7kmh
57 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون