- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ عربي ٻولي جي عورت ترجمان غزه جنگ بابت آمريڪي حڪومت جي پاليسي خلاف احتجاج ڪندي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب هالا هريت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ سياسي ۽ انساني حقن جي آفيسر طور ڪم ڪري رهي هئي.
سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هوءَ 18 سالن تائين آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ ذميورايون ادا ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي رهي آهي جنهن جو ڪارڻ غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگي ڪارواين جي حوالي سان آمريڪي حڪومتي پاليسيون آهن.
واضع رهي ته آمريڪي حڪومت پاران غزه تي بمباري تي اسرائيل جي غير مشروط حمايت خلاف ڪيترائي آمريڪي سفارتڪار پنهنجي عهدن تان استعفيٰ ڏئي چڪا آهن………….- Advertisement -
