ابوظهبي۾ پاڪستاني مسيحي برادريءَ سان گڏ ڪرسمس ملهائڻ جي تقريب

- Advertisement -
گڏيل عرب رياستن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ابوظهبي جي اڱڻ تي پاڪستاني مسيحي برادريءَ سان گڏ ڪرسمس ملهائڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي ۽ گڏيل عرب رياستن ۾ رهندڙ مسيحي خاندانن وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي سفير فيصل نياز ترمذي چيو ته حضرت عيسيٰ پاران ڏنل محبت ۽ امن جو پيغام دنيا ۾ اهميت جوڳو آهي، پاڪستان جي ترقي ۾مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي. اُن موقعي تي پاڪستاني سفير، پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جي تعليم جو ذڪر ڪندي چيو ته هن هميشه سمورن پاڪستانين وچ ۾ برابري ۽ عدم استحڪام جي وڪالت ڪئي چاهي اهو ڪنهن به عقيدي سان واسطو رکندڙ ڇو نه هجي. هن چيو ته سفارتخاني ۾ ميزباني ڪرڻ ۽ پنهنجي مسيحي برادري جي ميمبرن سان گڏ هن خاص موقعي تي جشن ملهائڻ تي کيس خوشي ٿي آهي. ان موقعي تي پادرين ۽ مسيحي برادريءَ پاران تقريب ڪوٺائڻ تي سفير ۽ سفارتخاني جي عملي جي ساراهه ڪئي. تقريب ۾ پادري ناصر تاج، رابرٽ ۽ فليمون جارج خاص دعائن جي اڳواڻي ڪئي ۽ جشن جي ميزباني ڪرڻ ۽ مسيحي برادري جي مسلسل حمايت ڪرڻ تي سفير جا ٿورا مڃيا. تقريب جي نظامت معروف سماجي ۽ سياسي ڪارڪن روحيل ظفر شاهي ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
40%
0.6m/s
1%
سُومر
13 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون