- Advertisement -
احمدپور ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي، عوام جا محافظ پوليس اهلڪار به محفوظ نه رهيا، هٿياربند پوليس اهلڪار کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا، مزاحمت تي کيس تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو.
وڏا مهيسر ٿاڻي جي پوليس اهلڪار عبدالغني ناريجو کي هٿياربند يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.
مزاحمت تي هٿياربندن طرفان پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بدامني ۾ واڌ ٿي وئي آهي، عوام جا محافظ پوليس اهلڪار به غير محفوظ بڻيل آهن.
علائقي واسين پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامنيءَ جو نوٽيس وٺي علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائي وڃي.- Advertisement -
