- Advertisement -
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته هو جنگ ۽ ڳالهيون ٻنهي لاءِ تيار آهن، هفتي جي آخر ۾ تشدد ۾ اضافو ٿيو، دهشتگردن، مظاهرين ۽ سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو جڏهن ته هاڻي صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ايران ۾ پرامن مظاهرا پرتشدد مظاهرن ۾ تبديل ٿي ويا، ٻن هفتن ۾ مظاهرن دوران 350 مسجدن کي باهه ڏني وئي.
سندس چوڻ هو ته ايراني فورسز پرتشدد مظاهرن دوران وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪيو، مظاهرين جا مطالبا جائز هئا ۽ حڪومت کين ٻڌي به رهي هئي.
ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مداخلت جي ڳالهه کانپوءِ احتجاج رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿي ويو ته جيئن مداخلت جو بهانو پيدا ٿي سگهي.
عباس عراقچي چيو ته هو جنگ ۽ ڳالهيون ٻنهي لاءِ تيار آهن، حڪومت حالتن تي مڪمل ضابطو آڻي ورتو آهي ۽ پرامن مظاهرن جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو.- Advertisement -
