اسرائيل آگاهه ڪيو آهي ته حزب الله خلاف محدود ڪاروائي ڪئي پئي وڃي : ميٿيو ملر

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته اسرائيل آگاهه ڪيو آهي ته حزب الله خلاف محدود ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي ترجمان چيو ته اسرائيل سرحد ويجهو حزب الله جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ لاءِ محدود ڪارروايون ڪري رهيو آهي. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪا جنگ بندي چاهي ٿو پر اسرائيلي فوج جي لبنان ۾ اسٽريٽجڪ مقصدن کي سمجهي ٿو. هوڏانهن گڏيل  قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس لبنان ۾ زميني آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هو لبنان ۾ زميني ڪاررواين جي خلاف آهن. سندس چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن سبب امن فوج گشت نه پئي ڪري، اسرائيل پهريائين لبنان تي هوائي حملا ڪري رهيو آهي، زميني آپريشن سان وڌيڪ نقصان ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
31%
6.5m/s
0%
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون