- Advertisement -
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو آهي ته اسرائيل تسليم ڪري ته هو فلسطيني رياست جي وجود کانسواءِ قائم نٿو رهي سگهي، اسرائيل جو فلسطيني رياست جي وجود کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي، ٻه رياستي حل فلسطين ۽ اسرائيل ٻنهي جي مفاد ۾ آهي، ڌرين کي فوري طور ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، غزا جا ماڻهو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهن.
جاري ڪيل بيان ۾ فيصل بن فرحان چيو ته اسرائيل تسليم ڪري ته هو فلسطيني رياست جي وجود کانسواءِ قائم نٿو رهي سگهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل جو فلسطيني رياست جي وجود کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي.
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو ته ٻه رياستي حل فلسطين ۽ اسرائيل ٻنهي جي مفاد ۾ آهي.
فيصل بن فرحان چيو ته ڌرين کي فوري طور ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، غزا جا ماڻهو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهن.- Advertisement -
