- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پاڪستان او آءِ سي ۾ تجويزون پيش ڪندو، اسرائيل جا شدت پسند اڳواڻ چاهن ٿا ته غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ موجود فلسطينين کي ڪڍيو وڃي ۽ خطي تي قبضو ڪري گريٽر اسرائيل ٺاهيو وڃي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي منير اڪرم چيو ته جيڪا صورتحال ڪشمير ۾ آهي اها فلسطين ۾ آهي، اسرائيل فلسطين کي کليل جيل بڻائي ڇڏيو هو.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل پهريان هڪ طريقي سان فلسطين تي قبضو ڪيو هاڻي ٻئي طريقي سان قبضو ٿيندو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پاڪستان او آءِ سي ۾ تجويزون پيش ڪندو، اسرائيل جا شدت پسند اڳواڻ چاهن ٿا ته غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ موجود فلسطينين کي ڪڍيو وڃي ۽ خطي تي قبضو ڪري گريٽر اسرائيل ٺاهيو وڃي.
هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته هن جنگ بعد اسرائيل ۾ ڪهڙي ليڊرشپ اچي ٿي، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو ناڪام ٿي چڪو آهي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو ته اسرائيل ۾ موڊريٽ قسم جي قيادت اچي ٿي ته شايد ڳالهيون شروع ٿي وڃن………..- Advertisement -
