تازه ترين

اسرائيل جي غزه تي حملن جو سلسلو جاري

- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزه تي اڄ کان حملا وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته يهودي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 248 فلسطنين جي شهيد ٿيڻ بعد شهيدن جو  انگ 4 هزار 500  کان وڌي ويو آهي. اسرائيلي فوج غزه تي اڄ کان حملا وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج طرفان هوا ۾ اڇلايل پملفيٽن ۾ فلسطينين کي هڪ ڀيرو ٻيهر غزا جي اترين علائقي کي خالي ڪري ڏکڻ طرف وڃڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته علائقو خالي نه ڪندڙن کي ويڙهاڪن جو ساٿي سمجهيو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، غزا تي اسرائيل جي ظالماڻي بمباري جاري آهي جڏهن ته بمباري سبب عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 248 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا. حماس جي حملن ۾ هن وقت تائين هڪ هزار 400 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي چڪا آهن جڏهن ته اسرائيل القدس اسپتال خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۾ 70 سيڪڙو ٻار، عورتون ۽ بزرگ شامل آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب، غزه جي شهيد فلسطينين ۾ هڪ هزار 756 ٻار ۽ 976 عورتون شامل آهن جڏهن ته اسرائيلي بمباري سبب 13 هزار 651 فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن. صحت واري وزارت عالمي برادري ۽ مصر کان امداد ۾ تيل به شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه ۾ هن وقت تائين 21 صحافي به شهيد چڪا آهن. ترڪ ميڊيا موجب، غزه ۾ ٻن هفتن دوران 2014 جي 50 ڏينهن واري اسرائيل فلسطين جنگ ۾ مارجي ويلن جي انگ کان 84 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. فلسطيني عملدارن جو چوڻ آهي ته غزه ۾  اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ بي گهر ماڻهن جو انگ 14 لک کان وڌي ويو آهي، غزه ۾ بي گهر ماڻهن جي اڌ انگ 217 عارضي پناهگاهن ۾ پناهه ورتي آهي. مصر جي رفح راهداري کلڻ کانپوءِ امدادي ٽرڪن جي غزا ۾ داخل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. گڏيل قومن 20 امدادي ٽرڪن کي ناڪافي قرار ڏئي ڇڏيو. ورلڊ فوڊ پروگرام جو چوڻ آهي ته غزا ۾ کاڌي پيتي جون شيون، پاڻي، بجلي ۽ ٻارڙن ناهي، غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ وڌيڪ فوري امداد جي ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
18 %
3.4kmh
76 %
خميس
26 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون