تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيل جي غزه پٽي تي جارحيت جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 92 فلسطيني شهيد، 130 زخمي

- Advertisement -
اسرائيل جي غزه پٽي تي جارحيت جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ وڌيڪ 92 فلسطيني شهيد ۽ 130 زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7آڪٽوبر کان شهيد فلسطينين جو انگ 31 هزار 700 کان وڌي ويو جڏهن ته 73 هزار 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. عرب ميڊيا موجب، شهيدن ۽ زخمين ۾ وڏو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. عرب ميڊيا موجب، وچ غزه ۽ ديرالبلاح تي حملن ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، يهودي فوج بيت الحمم جي ڪيمپ ۾ افطار تيارين ۾ مصروف فلسطينين کي به نشانو بڻايو. ٻئي پاسي حزب الله هڪ ئي ڏينهن ۾ اسرائيل تي 8 حملا ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. حزب الله ترجمان جو چون آهي ته اسرائيلي ٺڪاڻن تي راڪيٽن ۽ ميزائلن سان حملا ڪيا، وازاني واري علائقي ۾ اسرئيلي فوجين جي هڪ اجتماع کي نشانو بڻايو، ان کان علاوه المالڪيه جي علائقي ۾ اسرائيلي فوج جي گاڏين تي به حملا ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون