- Advertisement -
اسرائيل طرفان غزه جي مختلف علائقن تي هوائي ۽ زميني حملن جو سلسلو جاري آهي، غزه ۾ يهودي فوج جي تازين ڪاررواين ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج غزه جي دير البلاع سميت مختلف علائقن ۾ فضائي ۽ زميني ڪارروائيون ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان هن مهل تائين جنگ ۾ 37 هزار 266 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو تعداد شامل آهي، جڏهن ته 85 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي فوج رفح ۾ جاري آپريشن ٻن هفتن اندر ختم ڪري ڇڏيندي، ڇو ته جنگ جو ٻيو مرحلو پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي، جنگبندي جي صورت ۾ رفح ۾ آپريشن ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته اسرائيل غزه ۾ آپريشن جي حوالي سان پنهنجي ايندڙ عمل جو تعين ڪندو….- Advertisement -
