- Advertisement -
اسرائيلي فوجي جا غزه تي وحشياڻا وار جاري آهين، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج وڌيڪ 165 فلسطينين کي شهيد ۽ 280 کي زخمي ڪري ڇڏيو، فلسطيني صحت واري وزارتجو چوڻ آهي ته يهودي فوج جي جهازن مختلف پناهگير ڪيمپن تي به بمباري ڪئي آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان جاري حملن ۾ شهيدن جو انگ 27 هزار 927 ٿي ويو جڏهن ته 62 هزار 388 زخمي ٿي چڪا جڏهن ته 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن.
فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ غزه جي عورتون ۽ ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، هن وقت تائين 16 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شهيد ٿي چڪا آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته يهودي فوج جي جهازن رفاه ۽ بوريج ڪيمپن تي به بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾5 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
ٻئي پاسي حماس اڳواڻن ترجمان جو چوڻ آهي ته سندن ويڙهاڪن بوريج ڪيمپ ڀرسان اسرائيلي فوج جي ٺڪاڻن کي مارٽر گولن سان نشانو بڻايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جون ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن..- Advertisement -
