تازه ترين

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنجن ڪيسن ۾ مختلف تاريخن تي طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اي ٽي سي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل پنجن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل جان محمد، سردار مصروف ۽ نعيم پنجوٿا پيش ٿيا.

وڪيل ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي روزانو جيل کان عدالت آڻڻ آسان ناهي.

جج ابوالحسنات چيو ته کيس خبر آهي ته جيل مان روز آڻڻ مناسب ناهي، ڪيسن ۾ شريڪ جوابدارن جي به حاضري لڳڻي آهي.

وڪيل چيو ته پنجن ئي ڪيسن ۾ مختلف تاريخون ڏيڻ بدران هڪ ئي تاريخ رکي وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سڪيورٽي جو  به مسئلو آهي.

عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي رمنا ٿاڻي ۾ داخل  ٻن ڪيسن ۾ 25 سيپٽمبر، سي ٽي ڊي ٿاڻي ۽ سنگجاڻي ۾ 12 آڪٽوبر ۽ گولڙه ٿاڻي ۾ 5 آڪٽوبر تي طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون