تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسلام آباد هائيڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري ٻڌڻي ڪئي.

پرويز الاهي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته لاهور هائيڪورٽ پهرين سيپٽمبر تي چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو، اسلام آباد پوليس لاهور هائيڪورٽ جي آرڊر کي فرسٽريٽ ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وڏي وزير کي گرفتار ڪيو.

وڪيل چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي لاهور پوليس کان کسي اسلام آباد آندو ويو، سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن پرويز الاهي کي کڻي گاڏي ۾ وڌو، لاهور هائيڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست تي آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي اڱاري ڏينهن طلب ڪري ورتو.

عدالت پاران پرويز الاهي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي.

عدالت جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪنهن به قسم جو ڪو بيان نه ڏيندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
41 %
2kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون