تازه ترين

اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز خان عافيه صديقي جي آزادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
آمريڪا ۾ قيد پاڪستاني ڊاڪٽر عافيه صديقي جي جي صحتيابي ۽ آزادي بابت ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي درخواست تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز خان عافيه صديقي جي آزادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ پرڏيهي وزارت جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيا. ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي وڪيل عمران شفيق ۽ عدالتي مددگار زينب جنجوعه به عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل اسلام آباد هائيڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف عافيه صديقي ڪيس ۾ آمريڪا ويندڙ وفد جي مالي مدد جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي وزارت جي نمائندي ٻڌايو ته وفد جي ويزائن جي درخواست پرڏيهي وزارت اماڻي ڇڏي آهي، اميد آهي ته هڪ هفتي تائين منظوري ٿي ويندي، هو ڊاڪٽر عافيه صديقي جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا آهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ذاتي سببن جي بنياد تي سينيٽر عرفان صديقي وفد سان نٿو وڃي سگهي، حڪومت طرفان سينيٽر بشريٰ وفد سان گڏ آمريڪي ويندي. عدالت ڊاڪٽر عافيه صديقي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سال 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
61 %
3.2kmh
18 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
27 °
آچر
27 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون