- Advertisement -
پاڪستان سپر ليگ سيزن نائن جي فائنل ميچ ۾ ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي اسلام آباد يونائيٽڊ ٽيون ڀيرو چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو، عماد وسيم کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل سيزن 9 جي فائنل ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر ويهن اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون، اسلام آباد يوبائيٽڊ جي ٽيم هدف آخري اوور جي آخري بال تي پورو ڪري ورتو.
اسلام آباد يونائيٽڊ طرفان مارٽن گپٽل 50، اعظم خان 30،نسيم شاهه ۽ ڪولن منرو 17-17 رنسن سان نمايان رهيا، آغا سلمان 10، شاداب خان 4، حيدر علي 5 ۽ فهيم اشڙف هڪ رنس ٺاهي سگھيو.
ملتان سلطانز طرفان خوشدل شاهه ۽ افتخار احمد ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ڊيوڊ ولي، محمد علي ۽ اسامه مير هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو، عثمان خان 57، افتخار احمد 32 ۽ محمد رضوان 26 رنسن سان نمايان رهيا جڏهن ته خوشدل شاهه 22، ياسر خان، ڊيوڊ ولي ۽ اسامه مير 6-6، جانسن چارلس 4 ۽ عباس هڪ رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو.
چيئرمين پي سي بي محسن نقوي به اسٽيڊيم ۾ موجود هو ۽ خاص مهمان طور رانديگرن ۾ انعام ورهايا.
واضع رهي ته اسلام آباد يونائيٽڊ پي ايس ايل 2016 ۽ 2018 جا ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.- Advertisement -
