- Advertisement -
اسلام آباد ۾ جلسي دوران تحريڪ انصاف جي ڪارڪن ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ايس ايس پي سيف سٽي سميت ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ ايف سي کي طلب ڪيو ويو.
26 نمبر چنگي تي جلسي ۾ ايندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جاري ڪيل روٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن دوران پوليس جي روڪڻ تي مٿن پٿراءُ ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان پوليس موبائل ۽ وين تي به حملو ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس طرفان شيلنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.
پوليس ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۾ چڪرين کانپوءِ ايف سي کي طلب ڪيو ويو.
اسلام آباد انتظاميه موجب تحريڪ انصاف جلسي دوران اين او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پي ٽي آءِ قيادت مقرر وقت تي جلسو ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي.
ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اين او سي جي ڀڃڪڙي تي انتظاميه ۽ پوليس آفيسرن کي ڪارروائي جي هدايت جاري ڪئي وئي.
اسلام آباد انتظاميه طرفان پوليس کي جلسي بابت اين او سي جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو.
هوڏانهن اسلام آباد پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته روٽ جي ڀڃڪڙي ڪري جلسي ۾ ايندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايس پي سٽي سميت ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ پوليس طرفان شيلنگ ڪئي وئي.
ٻي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس تي پٿراءُ جي آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته زخمي ٿيل اهلڪارن کي بهتر طبي سهولت فراهم ڪئي وڃي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پٿراءُ سبب زخمي ٿيل ايس ايس پي شعيب خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خيريت پڻ معلوم ڪئي.- Advertisement -
