آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسلام امن جو مذهب آهي، ان ۾ انتهاپسندي جي ڪا به جاءِ ناهي، مهذب معاشري ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان چرچ آف پاڪستان ۽ بشپ آف رائيونڊ جي ناظم ۽ صدر ڊاڪٽر آزاد مارشل جي سربراهيءَ ۾ مسيحي برادريءَ جي 13 رڪني وفد جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ مذهبي ڀائيچاري سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آرمي چيف قومي ترقي ۾ مسيحي برادريءَ جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
جنرل عاصم منير قائداعظم جي متحد ۽ ترقي پسند پاڪستان جي حقيقي ويزن تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ بين المذاهب ڀائيچاري کي هٿ ڏيڻ تي زور ڀريو.
سندس چوڻ هو ته اسلام امن جو مذهب آهي، ان ۾ انتهاپسندي لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، مهذب معاشري ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.
مسيحي برادريءَ، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ اقليتن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي
