- Advertisement -
8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو آخري ڏينهن آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين ۽ اميدوارن جي سهولت لاءِ ڪاغذن جي واپس وٺڻ جي وقت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هاڻي اميدوار رات نائين وڳي تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا.
8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو آخري ڏينهن آهي.
اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين ۽ اميدوارن جي سهولت لاءِ ڪاغذن جي واپس وٺڻ جي وقت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هاڻي اميدوار رات نائين وڳي تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا.
پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي اين اي 265 پشين تان هٿ کڻي ويو.
پارٽي پڌرائي موجب، محمود خان اچڪزئي پشين جي قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 265 تان مولانا فضل الرحمان جي حق ۾ هٿ کنيو آهي.
پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين هن سيٽ تان پارٽي کي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سياسي پارٽين جا اميدوار اڄ پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائيندا ۽ سڀاڻي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي رٽرننگ آفيسرن طرفان اميدوارن جي قطعي لسٽ جاري ڪئي ويندي.
اليڪشن ڪميشن موجب، سياسي پارٽيون ۽ آزاد اميدوار 6 فيبروري تائين پنهنجي چونڊ مهم هلائي سگهندا ۽ 8 فيبروري تي پولنگ ٿيندي.- Advertisement -
