- Advertisement -
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته هو گھرو وزارت کي انٽرنيٽ سروس بابت ڪا به هدايت جاري نه ڪندا، هو موبائل فون سروس کولڻ لاءِ چون ۽ پوءِ ڪو واقعو ٿي وڃي ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟.
جاري ڪيل بيان ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته سڪيورٽي جو جائزو وٺڻ گھرو وزارت ۽ ايجنسيز جو ڪم آهي.
هن چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ٻه واقعا پيش آيا، اميد آهي ته اڄ چونڊ عمل خيريت سان پڄاڻي تي پهچندو.
چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هو گھرو وزارت کي انٽرنيٽ سروس بابت ڪا به هدايت جاري نه ڪندا، هو موبائل فون سروس کولڻ لاءِ چون ۽ پوءِ ڪو واقعو ٿي وڃي ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟.
سڄي ملڪ ۾ موبائل فون سروس عارضي طور تي بند ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
