- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز اورڪزئي ضلعي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي 19 ڀارتي حمايتي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 جوان به شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز اورڪزئي ضلعي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران ڀارتي حمايتي دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف ۽ ميجر طيب راحت سميت 11 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿي ويل جوانن ۾ اعظم گل، عادل حسين، گل امير، شير خان، تالش فراز، ارشاد حسين، طفيل خان، عاقب علي ۽ محمد زاهد شامل آهن.
آءِ ايس پي ار جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ مواصلاتي اوزار به هٿ ڪيا ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.
آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جون قربانيون ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهن.- Advertisement -
